پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ ايم اين اي عارف علوي چيو آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا

پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ ايم اين اي عارف علوي چيو آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا.

خيرپور ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن کي خطاب ڪندي عارف علوي جو چوڻ هو ته سنڌ جو عوام موروثي سياستدانن کان بيزار ٿي چڪو آهي، سنڌي ماڻهو تبديلي پسند ۽ با شعور آهن.

هن چيو ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، قدرتي وسيلن تي ڌارين جا قبضا مذمت جوڳو عمل آهي.

هن چيوته تحريڪ انصاف سنڌ جي وسيلن تي مالڪي جو صرف حقدار سنڌي عوام کي ئي سمجهي ٿي، سنڌ جي تعليم هڪ سازش تحت تباهه ڪئي پئي وڃي.

عارف علوي وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سڀ کان پهريون سنڌ جي تعليم ۽ صحت کي بهتر ڪيو ويندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*