امريڪي صدر براڪ اوباما چيو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم عالمي برادري جي ان راءِ وڌيڪ پختو ڪيو آهي ته اسرائيل امن جي حمايت نٿو ڪري

امريڪي صدر براڪ اوباما چيو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم عالمي برادري جي ان راءِ وڌيڪ پختو ڪيو آهي ته اسرائيل امن جي حمايت نٿو ڪري، انڪري امريڪا به گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي سفارتي حمايت واري پاليسي تي نظر ثاني ڪندو

امريڪي صدر براڪ اوباما يو ايس اي فريڊم ايڪٽ تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد ڳجهن ادارن کي وسيع پيماني تي فون ڪالز جو رڪارڊ رکڻ واري اجازت کي محدود ڪيو ويو آهي، هاڻي ان سلسلي ۾ ادارن کي عدالت سان رجوع ڪرڻو پوندو.

ان کان اڳ امريڪي سينيٽ فريڊم ايڪٽ کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد پيٽرياٽ ايڪٽ تحت امريڪا جي نيشنل سڪيورٽي ايجنسي کي وڏي پيماني تي شهرين جي فون ڪالز جو رڪارڊ رکڻ وارو جواز ختم ٿي ويو هو.

هڪ ڀيرو رد ٿيڻ بعد فريڊم ايڪٽ کي اڱاري تي منظور ڪيو ويو، جنهن بعد صدر اوباما ان تي صحيح ڪري ڇڏي.

نئين قانون تحت نيشنل سڪيورٽي ايجنسي جي اختيارن کي محدود ڪيو ويو آهي، جنهن بعد فون ڪالز جو رڪارڊ حڪومتي سرورز بدران انٽرنيٽ ۽ فون ڪمپني جي سرورز تي گڏ ٿيندو، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت سان رجوع ڪرڻو پوندو.

صدر اوباما بل منظور ٿيڻ بعد فريڊم ايڪٽ کي دهشتگردي سان ويڙهه لاءِ ضروري اوزار قرار ڏنو آهي.

نائن اليون کانپوءِ بش انتطاميه وسيع پيماني تي فون ڪالز جي ڄاڻ گڏ ڪرڻ جو قانوني جواز حاصل ڪيو هو، جنهن جو ڦاٽ نيشنل سڪيورٽي ايجنسي جي اڳوڻي ڪنٽريڪٽر ايڊورڊ سنوڊين ڦاڙيو هو، جنهن بعد سڄي دنيا ۾ امريڪا تي سخت تنقيد ڪئي پئي وئي.

نئين قانون تحت عدالت ذريعي ڪنهن مخصوص ماڻهو يا لنڪ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪمپنين کي درخواست ڏني ويندي، نئين قانون کي 6 مهينن لاءِ عبوري طور لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن دوران حڪومت جي سرورز کان پرائيويٽ ڪمپنين جي سرورز تي معلومت ڪٺي ڪئي ويندي.,

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*