امريڪي بچاءَ وارو وزير ايشٽن ڪارٽر ٽن ڏينهن جي دوري تي ڀارت پهچي ويو آهي، ڀارتي بچاءَ واري وزير منوهر پاريڪار چيو آهي ته پاڪستان کي هٿيارن جو وڪرو نئين دهلي لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي

امريڪي بچاءَ وارو وزير ايشٽن ڪارٽر ٽن ڏينهن جي دوري تي ڀارت پهچي ويو آهي، ڀارتي بچاءَ واري وزير منوهر پاريڪار چيو آهي ته پاڪستان کي هٿيارن جو وڪرو نئين دهلي لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي.

ايشٽن ڪارٽر کي نئين دهلي پهچڻ تي سندس منصب پاريڪار آجيان ڪئي، جڏهن ته کيس گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو.

ايشٽن ڪارٽر  دوري دوران ڀارتي وزيراعظم من موهن سميت مختلف عملدارن سان ملاقاتون ڪري دهشتگردي جي خاتمي، دفاعي سهڪار وڌائڻ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.

ايش ڪارٽر سان ملاقات کان اڳ ڀارتي دفاع واري وزير منوهر پاريڪر جيڪي ملڪ پاڪستان کي هٿيار وڪرو ڪري رهيا آهن، ان تي ڀارت کي ڳڻتي آهي.

هن چيو ته هو ڪنهن مخصوص ملڪ جي ڳالهه نه ٿو ڪري پر پاڪستان کي ڪوبه هٿيار وڪرو ٿئي ٿو ته ان تي نئين دهلي کي چنتا ٿئي ٿي.

ايشٽن ڪارٽر انڊيا امريڪا دفاعي ٽيڪنالاجي ۽ واپاري سهڪار جو نقشو جوڙيندڙ آهي.

پاڪستان امريڪا سان اٽڪل هڪ ارب ڊالر جي هٿيارن جي خريداري جي ڊيل ڪئي آهي، جنهن ۾ هيليڪاپٽرن ۽ ميزائلن جي سپلاءِ به شامل آهي.

سعودي اتحاد هڪ ڀيرو ٻيهر صنعا تي بمباري ڪئي آهي، جن ۾ حوثي باغين جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو آهي، باغي اڳواڻن جاني نقصان جي تصديق ڪندي ان جا تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو آهي.

سعودي ۽ اتحادين جي جهازن صنعا جي مختلف حصن تي بمباري ڪئي، جنهن دوران حوثي باغين جي اهم فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو.

صنعا واسي هڪ شهري جو چوڻ هو ته فجر مهل بمباري سبب ڌماڪا ٿيا ته هو هنڌ تان ٽپ ڏئي اٿي پيو ۽ هن ڏٺو ته جنگي جهازن گهٽ ۾ گهٽ 10 حملا ڪيا.

حوثي باغين جي نمائندن جو چوڻ آهي ته بمباري ۾ جاني نقصان ته ٿيو آهي پر باغي اڳواڻن ان جا ڪي به تفصيل پڌرا نه ڪيا آهن.

اِب صوبي ۾ هوائي حملن ۾ حوثي باغين جي هڪ اڳواڻ جي گهر کي پڻ نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته صدا ۽ لحج صوبن ۾ به حوثي باغين جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*