چين ۾ مسافر ٻيڙو ٻڏڻ سبب 18 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، 29 ماڻهن کي بچايو ويو آهي

چين ۾ مسافر ٻيڙو ٻڏڻ سبب 18 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي،  29 ماڻهن کي بچايو ويو آهي، جڏهن ته 4 سئو کان وڌيڪ مسافر لاپتا آهن، جن جي وارثن احتجاج ڪيو آهي.

هوبيئي صوبي جي يانگ زَي درياهه ۾ اڱاري ڏينهن مسافر ٻيڙو طوفان ۾ ڦاسڻ بعد ٻڏي ويو هو، جنهن ۾ عملي سميت 456 ماڻهو سوار هئا.

Chinese-ferry-sinks-on-Yang

حادثي کانپوءِ امدادي ڪارڪن جهاز ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون پر برسات ۽ طوفان سبب امدادي ڪارروائين ۾ سخت ڏکيائيون پيش اچي رهيون هيون.

ريسڪيو عملي موجب 14 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 29 ماڻهن کي بچايو ويو آهي پر اڃا به 416 مسافر لاپتا آهن.

ٻئي پاسي حادثي جو شڪار ٿيل ٻيڙي ۾ سوار مسافرن جي وارثن شنگهائي ۾ سخت احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت سندن لاپتا مائٽن جي ڳولا ۽ انهن بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪري.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته شنگهائي حڪومت کي به حادثي ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ سندن مائٽن کي بچائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.

يانگ زَي درياهه ۾ ٻيڙي ٻڏڻ جي واقعي کي چين جي 70 سالن جي سڀ کان وڏو بحري حادثو قرار ڏنو پيو وڃي.,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*