وزير اعظم ميان نواز شريف گرمين خاص ڪري رمضان المبارڪ دوران لوڊ شيڊنگ جو مُدو گهٽائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي

وزير اعظم ميان نواز شريف گرمين خاص ڪري رمضان المبارڪ دوران لوڊ شيڊنگ جو مُدو گهٽائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ گهٽتائي وارو لاڙو برقرار رکيو وڃي.

وزير اعظم جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي ۽ اسحاق ڊار سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي عوامي ڀلائي جي مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو، وزير اعظم اجلاس ۾ شريڪ عملدارن کي هدايت ڪئي ته گرمين واري مند خاص ڪري رمضان المبارڪ واري مهيني ۾ لوڊ شيڊنگ جو مدو گهٽايو وڃي.

وزير اعظم هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ ۾ شهرن ۾ ڇهه ۽ ٻهراڙين ۾ اٺ اٺ ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪئي وڃي.

وزير اعظم اها به هدايت ڪئي ته پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ گهٽتائي واري لاڙي کي برقرار رکيو وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*