سنڌ ۾ گذريل ڏينهن برسات دوران مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي

سنڌ ۾ گذريل ڏينهن برسات دوران مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي، ثنڊو باگو، پنگريو ۽ کوسڪي ۾ بجلي جا ٿنڀا ۽ تارون ڪرڻ سبب مختلف شهرن ۽ هزارين ڳوٺن جي بند ٿيل بجلي بحال ناهي ٿي سگهي.

ٽنڊو باگو ۾ برسات ۽ تيز هوائن سبب بجلي جا پول ۽ تارون ڪرڻ سبب 8 سئو کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي بند ٿي وئي آهي، جنهن جو مرمتي ڪم شروع ناهي ٿي سگهيو.

پنگريو ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ برستات دوران تيز هوائن سبب 70 کان بجلي جا پول ڪري پوڻ ڪري 300 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بند ٿيل بجلي بحال ناهي ٿي سگهي.

طوفاني هوائن دوران تارون ڪرڻ سبب کوسڪي، نندوشهر ۽ شادي لارج  سميت هزارين ڳوٺن جي بند ٿيل بجلي بحال ڪرڻ لاءِ حيسڪو اختيارين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*