آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته ڀارت کان گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي ۽ ڀارتي اڳرائين جو جواب به ڏيڻ ڄاڻون ٿا

آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته ڀارت کان گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي ۽ ڀارتي اڳرائين جو جواب به ڏيڻ ڄاڻون ٿا، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري ايندي.

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کانپوءِ سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني سان ملاقات دوران ۽ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي آرمي چيف ملڪ جي دفاعي نظام جي مستحڪم ۽ مضبوط هجڻ جي ڳالهه ڪئي.

آرمي چيف چيو ته ڀارت کان گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي، ڀارتي اڳرائين جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي به ڀرپور صلاحيت رکون ٿا.

هن چيو ته ڀارت جي حوالي سان پاليسي واضح ڪئي وئي آهي، پاڪستان مخالف بيانن سان پريشان نه ٿين گهرجي، ايندڙ ڏينهن ۾ ڀارت جي حوالي سان به بهتري ايندي.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته  آپريشن ضرب عضب کانپوءِ امن امان جي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿي آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ملڪ اندر امن امان جي صورتحال وڌيڪ  بهتر ٿيندي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*