وزيراعظم نواز شريف، ڪي پي ڪي۾ مڪاني چونڊن دوران 18 ڄڻن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي

وزيراعظم نواز شريف، ڪي پي ڪي۾ مڪاني چونڊن دوران 18 ڄڻن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عام چونڊن کان وڌيڪ خيبرپختونخواهه جي مڪاني چونڊن ۾ بدنظمي ٿي، ڇا انساني جانين سان کيڏڻ نئون پاڪستان آهي؟.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهــــو قوم کان ڳجهو ناهي.

هن چيو ته عام چونڊن کان وڌيڪ خيبر بختونخوه جي مڪاني چونڊن ۾بدنظميون ٿيون.

وزير اعظم نواز شريف چيو ته ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن دوران ووٽرز جي جان جي حفاظت صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي.

نواز شريف وڌيڪ چيو ته ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن دوران 18ماڻهو مارجي ويا، جنهن تي کيس افسوس ٿيو آهي، ٻڌايو وڃي ته ڇا انساني جانين سان کيڏڻ نئون پاڪستان آهي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*