ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت جعلي ڊگري ڪيس ۾ گرفتار ايگزيڪٽ جي سي اي او شعيب شيخ ۽ 8 ملازمن جي جسماني رمانڊ ۾ 8 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي

ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت جعلي ڊگري ڪيس ۾ گرفتار  ايگزيڪٽ جي سي اي او شعيب شيخ ۽ 8 ملازمن جي جسماني رمانڊ ۾ 8 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

Shaoib-Shaikh-Axect

ايف آءِ اي ايگزيڪٽ جي چيف ايگزيڪٽو شعيب شيخ، عتيق وقاص، ذيشان احمد، ذيشان انور، محمد صابر ، رضوان، عمران، عاطف حسين ۽ عرفان سليم کي جسماني رمانڊ ۾ واڌ لاءِ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

Shaoib-Shaikh-Axect-01

جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ نور محمد ڪلمتي جي عدالت جسماني رمانڊ ۾واڌ واري درخواست تي شعيب شيخ ۽ ايگزيڪٽ جي ٻين 8 ملازمن کي 8 جون تائين ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي طرف شعيب شيخ جي عدالت ۾ پيشي دوران خانگي ٽي وي چينل بول جي سوين ملازمن سٽي ڪورٽ ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*