ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ذوالفقار مرزا کي ٽن هفتن لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ذوالفقار مرزا کي ٽن هفتن لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي،جڏهن ته  ذوالفقار مرزا جي ٻن ساٿين ديدار ۽ شاهجهان خلاف پوليس مقابلي ۽ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ ثبوت نه ملڻ تي کين ڪيس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي .

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ذوالفقار مرزا جي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ذوالفقار مرزا پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته هو گهر واري جي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ چاهي ٿو ان ڪري کيس 3 هفتن لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.

عدالت اهڙي درخواست تي ذوالفقار مرزا کي ٽن هفتن لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ذوالفقار مرزا خلاف بدين ۾ ٿاڻي تي حملي سميت 3 ڪيس داخل ٿيل آهن.

ان کان اڳ ڪراچي جي سيشن ڪورٽ ۽ بدين جي عدالت ذوالفقار مرزا کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني هئي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ذوالفقار مرزا جي ٻن ساٿين ديدار ۽ شاهجهان خلاف پوليس مقابلي ۽ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ ثبوت نه ملڻ تي کين ڪيس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي .

 ڪراچي پوليس دهشتگردي  ٽوڙ عدالت ۾ جاچ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته  ديدار ۽ شاهجهان خلاف ڪوبه ثبوت نه مليو آهي ۽ بدين پوليس کين غلط الزام هيٺ گرفتار ڪيو هو .

عدالت پوليس جي اهڙي رپورٽ تي ٻنهي ڀائرن کي ڪيس مان آجو قرار ڏئي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

بدين پوليس شاهجهان ۽ ديدار کي گرفتار ڪيو هو، جيڪي ضمانت تي آزاد ٿيل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*