تعليم واري صوبائي وزير نثار کهڙي چيو آهي ته اسيمبلي ۽ ٻين آفيسن جا ملازم آڱوٺي ذريعي حاضري لڳائن ٿا ته استادن کي به اهڙي حاضري تي اعتراض نه هئڻ گهرجي

تعليم واري صوبائي وزير نثار کهڙي چيو آهي ته اسيمبلي ۽ ٻين آفيسن  جا ملازم آڱوٺي ذريعي حاضري لڳائن ٿا ته استادن کي به اهڙي حاضري تي اعتراض نه هئڻ گهرجي.

حيدرآباد ۾ سنڌي  ٻولي جي بااختيار اداري پاران شاعر سمير عباسي جي ادبي خدمتن جي حوالي سان ڪوٺايل مذاڪري کي خطاب ڪندي نثار کهڙي چيو ته اردو ڳالهائيندڙ سنڌي پڙهائڻ جي تائيد ڪن ٿا، ڪئمريج سسٽم جي اسڪولن ۾ هن وقت به سنڌي نٿي پڙهائي وڃي.

  نثار کهڙي چيو ته جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي ۽ ٻين آفيسن ۾ بايو ميٽرڪ   نظام ذريعي لڳائي سگهجي ٿو ته استادن کي ان تي  ڇو اعتراض آهي.

صوبائي وزير چيوته سنڌ ۾ سوين نه پر هزارين جعلي ڀرتيون ٿيل آهن، نئين سر ڀرتي ڪرڻ لاءِ استادن کي اين ٽي ايس ٽيسٽ ڏيڻي پوندي.

ان موقعي تي صوبائي وزير نثار کهڙي سوڀيديري ۾ ٺهندڙ ڪاليج جو نالو تنوير عباسي رکڻ جو اعلان پڻ ڪيو..

تقريب کي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري  جي چيئرمين سرفراز راڄڙ، ادل سومري ۽ ٻين به خطاب ڪيو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*