ڪراچي جي ڏکڻ ۾ گهٽ هوا جو دٻاءُ پيدا ٿي ويو آهي جنهن سبب سامونڊي طوفان جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي

ڪراچي جي ڏکڻ ۾ گهٽ هوا جو دٻاءُ پيدا ٿي ويو آهي جنهن سبب سامونڊي طوفان جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

سائيڪلون وارننگ سينٽر موجب، ڪراچي جي ڏکڻ ۾ 16 کان 18 سئو ڪلوميٽرز جي فاصلي تي گهٽ هوا جو دٻاءُ پيدا ٿيو آهي.

سائيڪلون وارننگ سينٽر جي ڊائريڪٽر قيوم ڀٽو جو چوڻ آهي ته  ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر هوا جو دٻاءُ سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو.

سائيڪلون وارننگ سينٽر موجب، 16 کان 18 سئو ڪلوميٽرڏاکڻي پاسي گهٽ هوا جو دٻاءُ پيدا ٿيو آهي، جنهن جي اڳتي هلي سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿيڻ جا امڪان آهن.

هوڏانهن سامونڊي پٽي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته سمنڊ پنهنجو رنگ تبديل ڪري رهيو آهي،  جنهن مان لڳي ٿو ته سامونڊي طوفان اچي سگهي ٿو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*