انٽرنيٽ جي سڀ کان مقبول سرچ انجڻ “گوگل” تي ڀارت جي 10 سڀ کان وڏن ڏوهارين جي ڳولا جي نتيجن ۾ وزيراعظم نريندر مودي جي تصوير شامل ٿيڻ تي ڀارت ۾ سوشل ميڊيا تي وڏو بحث ڇڙي ويو آهي

انٽرنيٽ جي سڀ کان مقبول سرچ انجڻ “گوگل” تي ڀارت جي 10 سڀ کان وڏن ڏوهارين جي ڳولا جي نتيجن ۾ وزيراعظم نريندر مودي جي تصوير شامل ٿيڻ تي ڀارت ۾ سوشل ميڊيا تي وڏو بحث ڇڙي ويو آهي.

گوگل تي ٽاپ ٽين انڊين ڪرمنلز لکي سرچ ڪجي ٿو ته وزيراعظم نريندر مودي جي تصوير سان گڏ، اداڪار سنجي دت، انڊر ورلڊ ڊان دائود ابراهيم ۽ ٻين جون تصويرون سامهون اچي وڃن ٿيون.

اهڙي خبر سامهون اچڻ بعد ڀارت ۾ سوشل ميڊيا تي وڏو بحث ڇڙي ويو آهي، ٽوئٽر تي هن وقت تائين هزارين پيغامن ۾ مودي جي مخالفت ۽ حمايت ۾ پيغام اچي چڪا آهن.

وپن يادو پنهنجي پيغام ۾ لکي ٿو ته ٽاپ ڪرمنلز ۾ نالو اچڻ تي ڪٿي نيتا پاڻ کي عالمي سطح جو اڳواڻ نه سمجهڻ لڳي، ته وري هڪ ٻئي پيغام سڪندر اعظم نالي شخص لکيو آهي ته دم آهي ته گوگل کي به پابند ڪيو، جيئن آءِ آءِ ٽي جي شاگردن تي مودي تي تنقيد ڪرڻ بعد پابندي لڳائي وئي هئي.

حسيبه امين پيغام ۾ تبصرو ڪيو آهي ته اسان ڀلي مودي جي تاريخ وساري ڇڏيون پر انٽرنيٽ ڪڏهن نه وساريندو.

پر ان هوندي به نريندر مودي جي حمايت ڪندڙن جي به کوٽ نه آهي، دلچسپ ڳالهه ته اها آهي ته مخالف ڌر ڪانگريس به پوئتي نه آهي پر اها وري مودي جي حمايت ۾ بيٺل نظر اچي ٿي.

پارٽي ترجمان پريانڪا چترويدي پيغام ۾ لکيو آهي ته کي وزيراعظم سان هزارين شڪايتون ٿي سگهن ٿيون پر ان جو نالو ٽاپ ٽين ڏوهارين ۾ هجڻ گوارا نه آهي.

شجاع گانڌي چيو آهي ته هي نه رڳو اسان جي مقبول وزيراعظم جي بيعزتي آهي پر اسان جي عدالت جي به توهين آهي، جنهن کين ڪلين چٽ ڏني آهي، گيتش ڀٽ لکيو آهي ته هي انتهائي شرمناڪ ڳالهه آهي، هي ڪا کل ڀوڳ جي ڳالهه نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*