جلد ٻيهر قومي ٽيم جو حصو ٿيندس محمد حفيظ

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار اوپنر محمد حفيظ چيو آهي ته هو نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ بالنگ ايڪشن کي صحيح ڪرڻ لاءِ ڀرپور محنت ڪندو ۽ هو گهڻو پراميد آهي ته نيوزيلينڊ جي ٽِيم خلاف ون ڊي سيريز ۾ ٽيم جو حصو هوندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار آلرائونڊر محمد حفيظ جي بالنگ ايڪشن کي ميچ ايمپائرز ۽ آفيشلز رپورٽ ڪيو ،جنهن بعد انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل محمد حفيظ کي 21 ڏينهن اندر بالنگ ايڪشن کي صحيح ڪرڻ جو وقت ڏنو آهي، جنهن سبب کيس دبئي ٽيسٽ واري ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ محمد حفيظ کي وطن واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اڄ يا سڀاڻي پاڪستان پهچي ويندي.

پي سي بي چيئرمين شهريار خان جو چوڻ آهي ته محمد حفيظ مشڪوڪ بالنگ ايڪشن سبب نيوزيلينڊ جي خلاف رٿيل ٻين ميچز ۾ ٽيم جو حصو نه هوندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته محمد حفيظ وطن واپس پهچڻ بعد نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ بالنگ ايڪشن کي صحيح ڪرڻ تي ڪم ڪندو.

اسٽار الرائونڊر محمد حفيظ جو چوڻ آهي ته هو اڪيڊمي ۾ بالنگ ايڪشن کي صحيح ڪرڻ تي ڀرپور محنت ڪندو۽ هو گهڻو پراميد آهي جلد ٻيهر ٽيم جو حصو ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*