رينجرز ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تان گرفتار ڪيل متحده جي اڳوڻي ايم پي اي يوسف منير سميت 38 ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو

رينجرز ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تان گرفتار ڪيل متحده جي اڳوڻي ايم پي اي يوسف منير سميت 38 ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو.

11 مارچ تي ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تان رينجرز جي ڪارروائي دوران عامر خان سميت سئو کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو هو.

رينجرز عدالت جي حڪم تي سمورن ڪارڪنن کي حراست ۾ رکيو هو.

رينجرز جاچ دوران اڳوڻي ايم پي اي يوسف منير سميت 38 ڪارڪنن کي بي ڏوهي قرار ڏئي کين آزاد ڪيو.

رينجرز ايم ڪيو ايم جي 38 ڪارڪنن جي بي ڏوهي ۽کين آزاد ڪرڻ بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*