ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٽن ڪيسن ۾ ذوالفقار مرزا جي 6 ساٿين کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٽن ڪيسن ۾ ذوالفقار مرزا جي 6 ساٿين کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

بدين ۾ ٿاڻي تي حملي، بازار ۾ فائرنگ ۽ دڪانن مان ڦر لٽ واري ڪيس ۾ ٽن جوابدارن محمد خان، محمد هاشم ۽ خدا بخش جا چالان عدالت ۾ پيش ڪيا ويا.

چالان ۾ ڄاڻايو ويو ته ڪيس ۾ رڳو ٽي ڄڻا گرفتار آهن باقي ذوالفقار مرزا سميت ٻيا جوابدار ضمانت تي آهن.

عدالت وڌيڪ ٻين ڪيس ۾ ٽن جوابدارن جا چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 6 جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*