عظيم صوفي برزرگ ۽ اولياءَ حضرت قلندر لال شهباز جو 73 هون ساليانو عرس سڀاڻي شرع ٿي رهيو آهي

عظيم صوفي برزرگ ۽ اولياءَ حضرت قلندر لال شهباز جو 73 هون ساليانو عرس سڀاڻي شرع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پانڌيئڙن جي آمد جاري آهي.

Laal-Shahbaz-Qalandar

شهباز ميلا ڪميٽي جي شيڊول موجب سڀاڻ قلندڙ لعل شهباز جي مزارتي چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪيو ويندو.

امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ميلي جو افتتاح سنڌ جو گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ڪندو جيڪو غريب ۽ بيوهه عورتن ۾ ڪپڙا ورهائيندو.

laal-Shahbaz-Qalandar-02

شهباز ميلا ڪميٽي ۽ ٽي ايم اي انتظاميا زائرين کي سموريون سهولتون ميسر ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

شهر ۾ لوڊشيدنگ سبب ميلي دوران پاڻي بحران جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي .

Sehwan-Sharif-0101

ميلي ۾ ملاکڙو، سگهڙ ڪچهري، ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ جي محفل پڻ ٿيندي.

سيوهڻ شهر ۾ هر قدم تي دما دم مست قلندر جي ڪونج ٿي رهي آهي،جڏهن ته زائرين ڌمالن تي رقص ڪري رهيا آهن.

ميلي تي آيل پانڌيئڙن جو چوڻ آهي ته انتظاميا پاران ڪي به سهولتون فراهم ناهي ڪيون ويون، سخت گرمي ۾ پيئڻ جي پاڻي به انتظام ناهي ڪيو ويو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*