اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ فورسز جي بمباري جي نتيجي ۾9 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو آهي

اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ فورسز جي بمباري جي نتيجي ۾9 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي جيٽ جهازن ذريعي بمباري ڪئي.

فورسز جي ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ 9 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته سندن ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته اتر وزيرستان جي مختلف علائقن ۾ فورسز جو ڊگهي عرصي کان آپريشن جاري آهي، جنهن دوران ڪيترائي دهشتگرد پڻ مارجي چڪا آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*