ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر سنڌ پوليس کي امن امان جي بحالي لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي، گهرو وزير سهيل انور سيال جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جي خاتمي لاءِ رينجرز جو اهم ڪردار آهي

ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر سنڌ پوليس کي امن امان جي بحالي لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي، گهرو وزير سهيل انور سيال جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جي خاتمي لاءِ رينجرز جو اهم ڪردار آهي.

سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال رينجرز هيڊ ڪوارٽر پهچي ڊي جي رينجرز سان ملاقات ڪري ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ امن امان واري صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ان موقعي تي سهيل انور سيال چيو ته ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائين ۾ رينجرز جو پوليس سان گڏ هجڻ لازمي آهي.

هن چيو ته صوبي ۾ امن امان جي بحالي ۾ رينجرز جو اهم ڪردار آهي.

سهيل انور سيال چيو ته ڪراچي سميت پوري صوبي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ٿيندي.

ان موقعي تي ڊي جي رينجرز گهرو وزير کي خاطري ڪرائي ته رينجرز سنڌ پوليس سان مڪمل سهڪار ڪندي.

هن چيو ته ڏوهن جي خاتمي لاءِ رينجرز سنڌ پوليس سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي.

ميجر جنرل بلال اڪبر جو چوڻ هو ته ڪراچي سميت پوري صوبي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائي جاري رکي ويندي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*