نوبل انعام يافته ٻارڙي ملالا يوسف زئي تي حملي ۾ ملوث ڄاڻائي سزا ٻڌايل 10 مان 8 جوابدارن جي ڳجهه ڳوهه ۾ آزادي جو انڪشاف ٿيو آهي

نوبل انعام يافته ٻارڙي ملالا يوسف زئي تي حملي ۾ ملوث ڄاڻائي سزا ٻڌايل 10 مان 8 جوابدارن جي ڳجهه ڳوهه ۾ آزادي جو انڪشاف ٿيو آهي، ڊي پي او سوات سليم مروت ۽ لنڊن ۾ موجود پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي ترجمان منير احمد پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي معاملي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

سوات ۾ ٻارڙن جي تعليم لاءِ جاکوڙيندي مبينه طور طالبان جي قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيڻ کانپوءِ عالمي شهرت حاصل ڪندڙ ۽ بعد ۾ امن جو نوبل انعام ماڻيندڙ ملالا يوسف زئي تي 9 آڪٽوبر 2012 تي سوات ۾ حملو ٿيو، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پئي.

ملالا يوسف زئي کي اعلاج لاءِ لنڊن منتقل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هاڻي هو گهر ڀاتين سميت برمنگهم ۾ رهائش پذير آهي، ڌمڪين سبب سندس ڏيهه واپسي واري راهه به بند آهي.

ملالا يوسف زئي تي حملي ۾ ملوث 10 جوابدارن کي اپريل 2015 ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي، جنهن جو مدو 25 سال مقرر آهي.

10 جوابدارن کي سزا ٻڌائي جيل اماڻيو ويو پر هاڻي انهن مان 8 کي آزاد ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

لنڊن ۾ موجود پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي ترجمان منير احمد پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي آهي ته سزا رڳو ٻن جوابدارن کي آئي هئي، تنهنڪري ٻين 8 جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته جن 8 ڄڻن کي آزاد ڪيو ويو آهي، انهن خلاف شاهدين جي گهٽتائي هئي، تنهنڪري انهن کي آزاد ڪيو ويو.

ڊي پي او سوات سليم مروت جو موقف به ساڳيو ئي آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب سليم مروت جو چوڻ آهي ته سزا رڳو ٻن جوابدارن کي آئي هئي.

لنڊن ۾ موجود پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي ترجمان منير احمد جو چوڻ آهي ته عدالت جو اصلوڪو فيصلو واضح آهي، جنهن ۾ ٻن جوابدارن کي سزا ٻڌائي وئي هئي، 10 ڄڻن کي سزا ٻڌائڻ جي حوالي سان رپورٽ ٿيل شيون درست نه آهن پر سوات جي پبلڪ پراسيڪيوٽر سيد نعيم پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي سان ڳالهائيندي چيو ته سزا 10 مان سڀني کي ئي آئي هئي ۽ سڀني کي ئي 25 پنجويهه سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

هن سڄي معاملي جو هڪ رخ اهو به آهي ته پاڪستاني اختيارين هن ڪيس جي ڳجهي نموني ڪارروائي هلائي، جنهن جي تمام تفصيلن کي ميڊيا کي بي خبر رکيو ويو، ايتري تائين جو جوابدارن کي سزا ڏيڻ واري ڪارروائي کي به صحافين لاءِ پڌرو نه ڪيو ويو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*