صفوران سانحي جي چئن جوابدارن سميت پنجن ڄڻن جي ڌماڪيدار مادو ۽ غيرقانوني هٿياررکڻ واري ڪيس ۾ رمانڊ ۾ 14 ڏينهن واڌ ڪئي وئي آهي

صفوران سانحي جي چئن جوابدارن سميت پنجن ڄڻن جي ڌماڪيدار مادو ۽ غيرقانوني هٿياررکڻ واري ڪيس ۾ رمانڊ ۾ 14 ڏينهن واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمنٽ صفوران سانحي جي وڌيڪ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

صفوران سانحي جي جوابدارن طاهر حسين، سعد عزيز، حافظ ناصر ۽ عشرت کي رمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي  ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ ٻئي جوابدار اسد الله کي به ساڳئي ڪيس ۾ آندو ويو.

عدالت غيرقانوني هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادي ۾ 5 ئي جوابدارن جي رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪئي.

ٻئي طرف ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمنٽ دعويٰ ڪئي آهي ته  صفوران سانحي ۾ ملوث وڌيڪ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي.

سي ٽي ڊي پوليس ايس ايس پي راجا عمر خطاب  جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي ڪئي.

سي ٽي ڊي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته صفوران سانحي جي جوابدارن جي گرفتارين لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.

ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ موجب، ڪارروائي دوران صفوران سانحي ۾ ملوث هڪ جوابدار اشدالرحمان عرف ملڪ کي گرفتار ڪيو آهي.

سي ٽي ڊي موجب، ڪارروائي دوران صفوران سانحي ۾ استعمال ٿيل گاڏي ۽ هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن.

ان کان اک صفوران سانحي جي ماسٽر مائينڊ سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*