افريقي ملڪ گهانا ۾ پيٽرول پمپ ۾ باهه لڳڻ بعد زودار ڌماڪي ۾175 ڄڻا مارجي ويا آهن

افريقي ملڪ گهانا ۾ پيٽرول پمپ ۾ باهه لڳڻ بعد زودار ڌماڪي ۾175 ڄڻا مارجي ويا آهن.

رپورٽ موجب گهانا جي گادي واري شهر آڪرا ۾ هڪ پيٽرول پمپ ۾ باهه لڳي وئي، جنهن سبب زودار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾شروعاتي طور تي  اتي موجود 73 ماڻهو مارجي ويا هئا، ڪيترن ئي ماڻهن اسپتالن نئيندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

Africa-Ghana-01

 جنهن بعد فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 175 تائي وڃي پهتو اهي جڏهن ته فوتين جي انگ ۾ اڃان به اضافو ٿي سگهي ٿو

ڌماڪي سبب پيٽرول پمپ توڙي اتي بيٺل گاڏيون به تباهه ٿي ويون، اختيارن موجب برسات سبب پاڻي پوڻ ڪري پيٽرول وهي ويجهي لڳل باهه تائين پهتو ته باهه وڌيڪ ڀڙڪي پئي، جنهن سبب زوردار ڌماڪو ٿيو.

جڏهن ته ڪجهه اطلاع اهي آهن ته پيٽرول پمپ ويجهو لاري اڏي تي باهه لڳي، جيڪا پمپ تائين پکڙجڻ سبب ڌماڪو ٿيو.

هڪ اکين ڏٺي شاهد جو چوڻ هو ته ٽن ڏينهن کان جاري برسات سبب آڪرا شهر جا هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جنهنڪري ڪيترائي بي گهر ماڻهو پيٽرول پمپ جي ڀرپاسي اچي ويٺا هئا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*