چين ۾ درياهه ۾ ٻڏي ويل مسافر ٻيڙي کي سڌو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ان ۾ ڦاٿل لاشن کي ڪڍيو پيو وڃي، حادثي ۾ فوتين جو انگ 97 ٿي ويو آهي

چين ۾ درياهه ۾ ٻڏي ويل مسافر ٻيڙي کي سڌو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ان ۾ ڦاٿل لاشن کي ڪڍيو پيو وڃي، حادثي ۾ فوتين جو انگ 97  ٿي ويو آهي.

چيني صوبي هوبيئي جي درياهه ينگ زَي ۾ مسافر جهاز طوفاني واچوڙي سبب ٻڏي ويو هو، جنهن ۾ 456 مسافر سوار هئا، چئن ڏينهن کان جاري امدادي ڪاروائين ۾ هن وقت تائين رڳو 14 ماڻهن کي ئي زنده ڪڍيو ويو آهي.

امدادي ڪارڪنن 22 سئو ٽن وزني ٻيڙي جي چئن ڊيڪس کي ڪٽڻ بعد هر ڪيبن ۾ وڃي بچي ويل ماڻهو جي ڳولا ڪرڻ بعد اعلان ڪيو ته هاڻي ٻيڙي حادثي ۾ ڪنهن جي به زنده بچڻ جي اميد باقي  نه آهي.

فوج جي نگراني ۾ ٿيندڙ امدادي ڪارروائين دوران وڏيون ڪرينون گهرايون ويون، جن ٻيڙي کي سڌو ڪري ورتو آهي، جنهن جي ڇت مڪمل ٽٽل نظر اچي رهي آهي.

چين جي ٽرانسپورٽ وزارت موجب ٻيڙي کي ٻاهر آڻي ان مان پاڻي ڪڍيو ويندو ته جيئن ان ۾ موجود لاش ڪڍي سگهجن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*