ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پوليس اهلڪار جي زال ۽ ڌي جي قتل ڪيس ۾ قيد ڪاٽيندڙ جوابدار شاهد عرف شادو جا ڊيٿ وارنٽ جاري ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پوليس اهلڪار جي زال ۽ ڌي جي قتل ڪيس ۾ قيد ڪاٽيندڙ جوابدار شاهد عرف شادو جا ڊيٿ وارنٽ جاري ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.

ڪراچي جي سينٽرل اختيارين قيدي شاهد عرف شادو جا ڊيٿ وارنٽ جاري ڪرڻ لاءِ اي ٽي سي کي درخواست ڏني، جنهن تي عدالت قيدي جي ڦاهي روڪڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.

قيدي شاهد عرف شادو 1998 ۾ نيپيئر ٿاڻي جي حد ۾ پوليس اهلڪار جي زال ۽ ڌي کي قتل ڪيو هو، جنهن کي عدالت موت جي سزا ٻڌائي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*