امڪاني سامونڊي طوفان سبب ڪراچي ۾ سمنڊ ڏانهن ويندڙ رستن کي سيل ڪري سمنڊ ۾ وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي

امڪاني سامونڊي طوفان سبب ڪراچي ۾ سمنڊ ڏانهن ويندڙ رستن کي سيل ڪري سمنڊ ۾ وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، ٽراپيڪل سائڪلون وارننگ سينٽر جي انچارج عبدالقيوم ڀٽو  جو  چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان نه پر هوا جو گهٽ دٻاءُ ڪراچي کان 15 سئو ڪلوميٽر ڏکڻ طرف موجود آهي.

امڪاني سامونڊي طوفان سبب ڪراچي ۾ سمنڊ ڏانهن ويندڙ رستن کي سيل ڪري وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي،جڏهن ته  سمنڊ ۾ وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

ٽراپيڪل سائڪلون وارننگ سينٽر جي انچارج عبدالقيوم ڀٽو  جو  چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان نه پر هوا جو گهٽ دٻاءُ ڪراچي کان 15 سئو ڪلوميٽر ڏکڻ طرف موجود آهي.

عبدالقيوم ڀٽو جو چوڻ آهي ته هوا جي گهٽ دٻاءُ جي حوالي سان نئين وارننگ اڄ شام جاري ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*