بلوچستان پوليس دهشتگردي جي بدترين نشاني تي اچي وئي آهي

بلوچستان پوليس دهشتگردي جي بدترين نشاني تي اچي وئي آهي، ڪوئيٽا جي علائقي پشتون آباد ۾ پوليس موبائيل تي حملي جي نتيجي ۾ هٿياربندن انسپيڪٽر سميت چار پوليس اهلڪار  مارجي ويا آهن.

ڪوئيٽا جي علائقي پشتون آباد ۾ هٿياربندن پوليس موبائيل تي حملو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني.

پوليس موجب، فائرنگ جي نتيجي ۾ سب انسپيڪٽر سميت چار پوليس اهلڪار مارجي ويا.

اکين ڏٺي شاهدن جو چوڻ آهي ته ٽــِـــن موٽر سائيڪلن تي سوار ڇهن هٿياربندن پوليس موبائيل تي حملو ڪري ڳرن هٿيارن سان فائرنگ ڪئي.

واقعي بعد پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*