سپريم ڪورٽ وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي بابت پراڻيون درخواستون رد ڪري ڇڏيون

سپريم ڪورٽ، وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي بابت 17 سال پراڻيون درخواستون غير موثر هئڻ سبب رد ڪري ڇڏيون آهن.

چيف جسٽس، جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي بابت 1997 ۾ داخل چار مختلف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذارن آئين جي هڪ سئو 84 تحت درخواستون داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هـو ته نواز شريف جـَي چوڻ تي 1997 ۾ سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو ويو،  جڏهن ته 14 هين ترميم به نواز شريف جي دور ۾ ئي پاس ڪئي وئي هئي، 14 هين ترميم آئين جي روح جي خلاف هئي.

درخواستگذارن عدالت کي استدعا ڪئي هئي ته سپريم ڪورٽ تي حملو ڪرائيندڙ ۽ 14 هين ترميم منظور ڪرڻ تي نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو وڃي.

سپريم ڪورٽ، درخواستون غير موثر ٿيڻ ۽ پيروي نه ٿيڻ جي بنياد تي درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن.

واضح رهي ته وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي بابت تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ق جون ٽي درخواستون پڻ ٻڌڻيءَ هيٺ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*