صدر ممنون حسين ۽ وزير اعظم ڪوئيٽا ۾ چئن پوليس اهلڪارن جي مارجڻ جو نوٽيس وٺندي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي

صدر ممنون حسين ۽ وزير اعظم ڪوئيٽا ۾ چئن پوليس اهلڪارن جي مارجڻ جو نوٽيس وٺندي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته دهشتگرد بزدلاڻي ڪاررواين سان پوليس جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن.

ڪوئيٽا جي پشتون آباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ چئن پوليس اهلڪارن جي مارجڻ جو صدر ممنون حسين ۽ وزير اعظم نواز شريف نوٽيس ورتو.

وزير اعظم نواز شريف چيو ته پوليس اهلڪارن جو قتل مذمتي جوڳو عمل آهي، واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

نواز شريف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس جون قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن، دهشتگرد قانون جي گرفت کان نه بچي سگهندا.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار خان واقعي جو نوٽيس وٺندي صوبائي گهرو وزارت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

چوڌري نثار چيو آهي ته بلوچستان ۾ امن امان جي بحالي لاءِ ڪوششون ورتيون پيو وڃن، پوليس تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ، تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان ۽ ٻين پڻ پوليس اهلڪارن جي مارجڻ جي مذمت ڪئي آهي.

عمران خان چيو آهي ته بلوچستان حڪومت صوبي ۾ امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، پوليس اهلڪارن جو قتل مذمت جوڳو عمل آهي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*