پشاور ۾ دهشتگردي ٽوڙ فورس ڪارروائي ڪري نيٽو ٽرمينل ۾ حملي ۾ ملوث دهشتگرد کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

پشاور ۾ دهشتگردي ٽوڙ فورس ڪارروائي ڪري نيٽو ٽرمينل  ۾ حملي ۾ ملوث دهشتگرد کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

دهشتگردي ٽوڙ فورس پشاور ۾ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ دهشتگرد جان محمد کي گرفتار ڪيو.

دهشتگردي ٽوڙ فورس موجب، دهشتگرد جو واسطو خيبر ايجنسي سان آهي ۽ اهو 2014 ۾ نيٽو ٽرمينل ۾ ٿيل حملي ۾ ملوث آهي.

پوليس موجب، گرفتار دهشتگرد اهلڪارن تي حملي ۾ به پوليس کي گهربل هو، دهشتگرد ڏوهن جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.

واضح رهي ته 2014 ۾ نيٽوٽرمينل ۾ حملي جي نتيجي ۾ ڇهه ٽرالر ۽ اربين رپين جو سامان تباهه ٿي ويو هـــــــــــــــــو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*