پنجاب جو شهر سرگوڌا دهشتگردي جي وڏي تباهي کان بچي ويو آهي

پنجاب جو شهر سرگوڌا دهشتگردي جي وڏي تباهي کان بچي ويو آهي، آپگهاتي جيڪٽس ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 2 مبينا آپگهاتي بمبار مارجي ويا، پوليس هڪ شڪي شخص کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پـــــنجاب جــــَــي شهر گوڌا جي علائقي خيام چوڪ  وٽ آپگهاتي جيڪٽس ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 2 مبينا حملي آور مارجي ويا آهن.

اکين ڏٺن شاهدن موجب، ٻئي آپگهاتي بمبار خيام چوڪ وٽ پاڻ ۾ وڙهي پيا، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻــــــئي آپگهاتي بمبار مارجي ويا، جنهن دوران ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي.

واقعي کانپوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ٻنهي دهشتگردن جا لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيا.

پوليس واقعي واري هنڌ تان هڪ شڪي شخص کي گرفتار ڪري اڻڄاڻل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*