سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ برساتن کانپوءِ هڪ ٻيرو گرمي جي شدت ۾ اضافو ٿيو آهي

سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ برساتن کانپوءِ هڪ ٻيرو گرمي جي شدت ۾ اضافو ٿيو آهي، سڀ کان وڌيڪ گرمي پد  موهن جو دڙو 45 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو هو پر هڪ ڀيرو ٻيهر گرمي جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو  آهي.

سڀ کان وڌيڪ گرمي پد موهن جو دڙو ۾ 45 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

شڪارپور، سکر، دادو، خيرپور ۽ سيوهڻ ۾ گرمي پد 43 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ سبي ۾ گرمي پد 42 سينٽي گريڊ ، نوابشاهه  ۽ بدين ۾ 41 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*