گلگت بلتستان قانون سازي اسيمبلي جي 24 سيٽن تي چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري، سڪيورٽي انتظام سخت

گلگت بلتستان قانون سازي اسيمبلي جي 24 سيٽن تي چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، جنهن ۾ ن ليگ، پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ سميت مختلف پارٽين جا 2 سئو 68 اميدوار ميدان تي لٿل آهن، جڏهن ته چونڊن جي موقعي تي سڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪندي پولنگ اسٽيشنز ٻاهران مقرر فوجي آفيسرن کي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏنا ويا آهن.

گلگت بلتستان قانون سازي اسيمبلي جي 24 سيٽن تي چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل صبح اٺين وڳي شروع ٿيو، جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام جو پنجين وڳي تائين جاري رهندو.

 چونڊن دوران 6 لک 18 هزار 4 سئو 75 مرد ۽ 2 لک 88 هزار 8 سئو 89 عورت ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ 11 سئو 51 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 2 سئو 82 کي انتهائي حساس ۽ 2 سئو 69 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن دوران سڪيورٽي جا انتظام انتهائي غير معمولي ڪندي سموري علائقي جو ڪنٽرول پاڪ فوج حوالي ڪيو ويو آهي.

پولنگ اسٽيشنز ٻاهران مقرر فوجي آفيسرن کي مئجسٽريٽ جي اختيار ڏنا ويا آهن، ان کان علاوه سڪيورٽي لاءِ پاڪستان رينجرز، جي بي اسڪائوٽس، پوليس ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلر جا جوان به خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن.

گلگت بلتستان جي قانونساز اسيمبلي مان مجموعي طور تي 24 اميدوارن جي چونڊ ڪئي پئي وڃي، جن مان ضلعي گلگت ۽ هنزه نگر مان ٽي-ٽي اميدوارن جي چونڊ ڪئي ويندي، جڏهن ته ضلعي اسڪرود ۾ سڀ کان وڌيڪ 6 اميدوار چونڊيا ويندا.

ضلعي استور مان 2، ضلعي ديا مير مان 4، عذر ۽ گهانچي مان عوام ٽن ٽن نمائندن جي چونڊ ڪندو.

چونڊن ۾ گڏيل طور تي 2 سئو 68 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن، جن ۾ ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف سمورين سيٽن تي اميدوار بيهاريا آهن، جڏهن ته پيپلزپارٽي، جي يو آءِ، اسلامي تحريڪ پاڪستان ۽ مجلس وحدت المسلمين جا اميدوار به ميدان تي لٿل آهن.

 چونڊن جي موقعي تي گلگت ۾ عام موڪل آهي، جڏهن ته اسٽيٽ بينڪ جي اعلان تي بينڪز کليل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*