بهاول نگر ڀرسان وين ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 5 ڀاتي فوت، 14 زخمي

پنجاب جي بهاول نگر  ڀرسان وين ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪئي خاندان جا 5 ڀاتي فوت ۽ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

بهاول نگر جي چڪ نمبر 169 وٽ هارون آباد کان چيچا وطني ويندڙ تيز رفتار وين  ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪئي خاندان جا 5 ڀاتي ٿڏي تي فوت ۽ 14 زخمي ٿي پيا.

حادثي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو، جتي زخمي مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*