ڪوئيٽا ۾ هزاره برادري جي پنجن ڄڻن جي قتل خلاف شٽر بند هڙتال، ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو

ڪوئيٽا ۾ هزاره برادري  جي پنجن ڄڻن جي قتل خلاف هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سڏ تي شٽربند هڙتال آهي، جڏهن ته شهر ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سوار تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

گذريل ڏينهن ڪوئيٽا جي باچا خان چوڪ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هزاره برادري سان واسطو رکندڙ 5 ڄڻا مارجي ويا هئا، جنهن بعد هزاره برادري پاران هڙتال جو سڏ ڏنو ويو هو.

هزاره برادري جي هڙتال جي سڏ تي ڪوئيٽا جي سرياب روڊ، باچا خان چوڪ، هزار گنج سميت مختلف علائقن ۾ ڪاروباري مرڪز بند آهن.

شهر ۾ ڇڪتاڻ سبب گهرو وزارت پاران هڪ هفتي تائين قلم 144 ۽ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي  آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*