سـُپريم ڪورٽ بجلي بجلز تي سرچارج وصولي روڪڻ بابت لاهور هاءِڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

سـُپريم ڪورٽ، بجلي بجلز تي سرچارج وصولي روڪڻ بابت لاهور هاءِڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي،عدالت پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي درخواست منظور ڪندي ڌرين کي 29 جون لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

چيف جسٽس، جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ بجلي بلز تي سرچارج جي وصولي روڪڻ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

اٽارني جنرل پاڻي ۽ بجلي واري وزارت پاران پيش ٿيو، جنهن موقف اختيار ڪيو ته بجلي بلز تي سرچارج قانون موجب ئي وصول ڪيو پيو وڃي، اها ٽيڪس غير قانوني ناهي.

چيف جسٽس ناصر الملڪ پڇاڻو ڪيو ته حڪومت ڪڏهن کان سرچارج وصول ڪري رهي آهي، جنهن تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته ماضي جي حڪومت کان اهو سرچارج وصول ٿي رهيو آهي، موجوده حڪومت ان جي شروعات ناهي ڪئي.

 عدالت، لاهور هاءِ ڪورٽ جو سرچارج جي وصولي بابت فيصلو معطل ڪندي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪري ورتي آهي.

چيف جسٽس ناصر الملڪ ريمارڪس ڏنا ته لاهور هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ نيپرا جي ڪردار جو ذڪر ناهي ڪيو.

عدالت، ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 29 مئي تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ، بجلي بلز تي وصول ٿيندڙ سرچارج کي غير قانوني قرار ڏيندي وصول ڪيل رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*