لاهور هاءِ ڪورٽ جي 10 ايڊيشنل ججز عهدن جو حلف کڻي ورتو

لاهور هاءِ ڪورٽ جي 10 ايڊيشنل ججز عهدن جو حلف کڻي ورتو آهي، جنهن بعد عدالت ۾ ججز جو انگ پورو ٿي ويو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 10 ايڊيشنل ججز کي حلف کڻائڻ واري تقريب ٿي، جنهن دوران چيف جسٽس منظور ملڪ، هاءِ ڪورٽ جي ججز ۽ وڪيلن شرڪت  ڪئي.

ان موقعي تي چيف جسٽس منظور احمد ملڪ 10 ايڊيشنل ججز کي عهدن جو حلف کڻايو، حلف کڻندڙ ججز ۾ جسٽس اسلم جاويد منهاس، جسٽس سردار احمد نعيم، جسٽس فروغ گلزار اعواڻ، جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر شامل آهن.

جسٽس مشتاق احمد تارڙ، جسٽس ارم سجاد گل، جسٽس راجا شاهه محمود عباس، جسٽس شهرام سرور چوڌري، شاهد مبين ۽ جسٽس ساجد محمود سيٺي پڻ عهدن جو حلف کنيو.

ايڊيشنل ججز جي حلف برداري بعد لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ججز جو انگ مڪمل ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*