لاهور ويندڙ قلندر لعل شهباز جي پانڌيئڙن جي ڪوچ گمبٽ ڀرسان ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا
لاهور ويندڙ قلندر لعل شهباز جي پانڌيئڙن جي ڪوچ گمبٽ ڀرسان ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڊرٻ ميهر شاهه وٽ قومي شاهراه تي ڪوچ ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر ۽ خيرپور جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب حادثي جو شڪار مسافر قلندر جي ميلي تان واپس پنجاب وڃي رهيا هئا ته ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب واقعو پيش آيو.