ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت شعيب شيخ ۽ سندس 9 ملازمن کي جيل حوالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت جعلي ڊگري ڪيس ۾ ايگزيڪٽ جي چيف ايگزيڪيو شعيب شيخ ۽ سندس 9 ملازمن جي رمانڊ ۾ واڌ کان انڪار ڪندي کين جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

جعلي ڊگري ڪيس ۾ ايگزيڪٽ جي سي اي او ۽ ڪمپني جي 9 ملازمن کي سخت سڪيورٽي هيٺ جڊيشل مئجسٽريٽ سينٽرل جي عدالت ۾ آندو ويو.

ٻڌڻي دوران سيڪيورٽي انتظام سخت هجڻ سبب صحافين کي به اندر اچڻ جي اجازت نه ڏني وئي.

ايف آءِ اي وڌيڪ جاچ پڙتال لاءِ رمانڊ ڏيڻ جي درخواست ڪئي پر عدالت رمانڊ ڏيڻ کان انڪار ڪندي شعيب شيخ ۽ ايگزيڪٽ جي 9 ملازمن کي جيل اماڻي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*