خاص عدالت سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي

خاص عدالت، پرويز مشرف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ بابت سرڪاري وڪيلن جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جسٽس فيصل عرب ريمارڪس ۾ چيو آهي ته عدالت 3 نومبر 2007 واري قدمن کي ڏسندي ۽ جيڪو به ملوث نڪتو، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

جسٽس فيصل عرب جي سربراهي ۾ قائم ٽـَي رڪني خاص عدالت، اڳوڻي آمر پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران شريڪ جوابدارن جي درخواست تي اڃا تائين فيصلو ناهي ٻڌايو ويو، سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ کي هڪ مهيني اندر درخواستون اڪلائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سرڪاري وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪئي وڃي.

جسٽس فيصل عرب، درخواست رد ڪندي چيو ته هن ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي نٿي ڪري سگهجي.

جسٽس فيصل عرب ريمارڪس ۾ چيو ته 3 نومبر 2007 واري قدمن جو جائزو وٺندي ۽ جيڪو به ملوث ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

جسٽس فيصل عرب ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته شريڪ جوابدارن کي به ٽرائل کي منهن ڏيڻو پوندو، عدالت اهو نه ڏسندي ته جوابدار ڪير آهن، جنهن بعد ٻڌڻي 3 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*