اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ چڪرين دوران 19 دهشتگرد مارجي ويا

اتر وزيرستان ۾ پاڪ-افغان سرحد ويجهو سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ چڪرين دوران پنجن اهم ڪمانڊرز سميت 19 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن دوران 7 سڪيورٽي اهلڪار به شهيد ٿي ويا.

 آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، اتر وزيرستان جي علائقي پاڪ افغان سرحدي علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران دهشتگردن  فورسز ۾ چڪريون ٿي پيون.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران 19 دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ 5 اهم ڪمانڊر به شامل آهن.

آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن کي ڪڙو چاڙهڻ بعد هڪ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي زد ۾ اچي 7 سڪيورٽي اهلڪار به شهيد ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*