پ پ اميدوار شيري رحمان بنا مقابلي سينيٽر چونڊجي وئي

پ پ اميدوار شيري رحمان بنا مقابلي سينيٽر چونڊجي وئي آهي، سندس چوڻ آهي ته وفاق بجيٽ ۾ سنڌ سميت محروم طبقن سان ناانصافي ڪئي ، جنهن تي هاڻ دمادم مست قلندر ٿيندو.

پيپلز پارٽي جي سينيٽر لطيف انصاري جي استعيفيٰ کان پوءِ سينيٽ جي خالي پيل سيٽ تي پ پ اميدوار شيري رحمان جو  اليڪشن ڪميشن نامزدگي فارم منظور ڪيو.

پ پ جي شيري رحمان سان مقابلي ۾ ڪو به اميدوار سامهون نه اچڻ سبب هوءَ بنا مقابلي ڪامياب ٿي وئي.

ان کان اڳ پ پ اڳواڻ شيري رحمان آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مقرر هئي جتي سندس عهدي جو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ کيس سينيٽر چونڊرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

هوڏانهن نامزدگي فارم منظور ٿيڻ کان پوءِ پ پ اڳواڻ شيري رحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آصف زردري ۽ بلاول ڀٽو ڏيهه پهتا آهن جيڪي هاڻ پارٽي کي پنجاب ۾ سگهارو بڻائيندا.

هن چيو ته وفاقي سرڪار بجيٽ ۾ سنڌ سان ناانصافي ڪئي جنهن تي دمادم مست قلندر ٿيندو.

شيري رحمان چيو ته هنن پنهنجي غلطين جي معافي ورتي پر ٻين غلطين تي پ پ کان معافي نه ورتي آهي.

هن چيو ته ن ليگ بجلي لوڊشيڊينگ جي خاتمي لاءِ ووٽ ورتو پر عوام سان ڪيل واعدا اڃا تائين نه پاڙيا ويا آهن.

پ پ اڳواڻ چيو ته ميٽرو بس مسئلن جو حل ناهي عوام مهانگائي ۽ بجلي بحران جو خاتمو چاهي ٿو.

هن چيو ته گلگلت بلتستان ۾ وفاق جي اثر انداز باوجود پ پ چونڊن ۾ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ شيري رحمان جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا وڪيل جي ڳچي پڪڙي آهي جيڪا سڌي غنڊا گردي آهي تنهنڪري عدالت ان جو نوٽيس وٺي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*