موسميات کاتي سامونڊي طوفان جي نئين ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي

موسميات کاتي نئين ايڊوائزري جاري ڪندي چيو آهي ته سامونڊي طوفان ڪراچي کان 750 ڪلو ميٽر پري آهي، جيڪو اتر اولهه طرف وڌي رهيو آهي،  ساحلي علائقن سان ٽڪرائجڻ جي خدشي سبب سنڌ ۽ مڪران جي ساحلي علائقن ۾ مهاڻا سمنڊ کان پري رهن.

موسميات کاتي موجب هوا جو گهٽ دٻاءُ طوفان ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، جنهن کي شروعاتي طور زيرو ون اي جو نالو ڏنو ويو  آهي، طوفان اولهه اتر طرف وڌي رهيو آهي ۽ اومان جي ساحلي علائقي سان ٽڪرائجي ويندو.

ٽراپيڪل سائڪلون وارننگ سينٽر ڪراچي جي ڊائريڪٽر عبدالقيوم ڀٽو جو چوڻ آهي ته 12 جون تائين سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي علائقن ۾  ٻوڏ  واري  صورتحال جاري رهندي.

موسميات اڄ رات ڪراچي، ٺٽو، سجاول، بدين، ميرپور خاص ۽ حيدرآباد ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

موسميات کاتي وارننگ جاري ڪئي آهي ته، هواءِ جي گهٽ دٻاءُ ۾ شدت اچڻ ڪري تيز هوائون گهُلنديون، تنهن ڪري سنڌ ۾ مهاڻا سڀاڻي  کان خميس تائين اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن.

موسميات کاتي بلوچستان جي مهاڻن کي اربع کان جمعي تائين اونهي سمنڊ کان پري رهڻ جي صلاح ڏني آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*