دهشتگردي ٽوڙ عدالت ذوالفقار مرزا جي درخشان ٿاڻي تي حملي واري ڪيس جي تڪڙي ٻڌڻي واري درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ذوالفقار مرزا جي درخشان ٿاڻي تي حملي واري ڪيس جي تڪڙي ٻڌڻي واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

 ذوالفقار مرزا جي وڪيل ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ذوالفقار مرزا گهر واري جي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ چاهي ٿو ان ڪري سندس درخواست تي فوري ٻڌڻي ڪئي وڃي.

 عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ذوالفقار مرزا جي اهڙي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، ان کان اڳ ساڳي عدالت ذوالفقار جي درخواست تي 10 جون لاءِ نوٽيس جاري ڪيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*