پي ٽي آءِ ڌانڌلين جي حد ڪري ڇڏي آهي، ميان افتخار حسين

خيبرپختونخواهه جي اپوزيشن جماعتن، مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلين بابت آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ميان افتخار چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڌانڌلي جي حد ڪري ڇڏي آهي، بهتر هوندو ته صوبائي حڪومت پاڻمرادو استعيفيٰ ڏئي.

پشاور ۾ اپوزيشن جماعتن جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ميان افتخار حسين چيو ته حڪومت جي آل پارٽيز ڪانفرنس اپوزيشن جي احتجاج کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش آهي، هـُو اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪندا.

هن چيو ته ڌانڌلين خلاف 10 جون تي هر هال ۾ هڙتال ڪئي ويندي، جنهن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ واپارين کي اپيل ڪيون ٿا، حڪومت کي دٻاءُ ۾ آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين.

ميان افتخار حسين چيو ته تحريڪ انصاف ڌانڌلين جي حد ڪري ڇڏي آهي، بهتر آهي ته حڪومت استعيفيٰ ڏئي ۽ نگران سرڪار قائم ڪري چونڊون ڪرايون وڃن.

هن چيو ته موجوده حڪومت پنهنجي مقبوليت وڃائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، حڪومت کي اقتدار ۾ رهڻ جو ڪو به حق ناهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ ميان افتخار حسين چيو ته حڪومت لاءِ بهتر هوندو ته پاڻمرادو استعيفيٰ ڏئي، حڪومت خلاف سندن پر امن احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*