وزيراعظم نواز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تاجڪستان روانو ٿي ويو

وزيراعظم نواز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تاجڪستان روانو ٿي ويو آهي، جتي هو پاڻي بابت عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، جڏهن ته وزيراعظم جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون سان به ملاقات جو امڪان آهي.

وزيراعظم نواز شريف تاجڪستان جي هم منصب جي دعوت تي هڪ ڏينهن جي دوري تي تاجڪستان روانو ٿي ويو آهي،  دفاع وارو وزير خواجه آصف ۽ پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز سميت ٻيو اعليٰ سطحي وفد وزيراعظم سان گڏ آهي.

دوري دوران وزيراعظم نواز شريف تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ پاڻي بابت “ واٽر فار لائيف” ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو، جنهن ۾ پاڻي بابت غور ڪيو ويندو.

وزيراعظم نواز شريف، تاجڪستان جي هم منصب ۽ صدر سان ملاقاتون پڻ ڪندو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن ۾ وفد جي سطح تي به ڳالهيون ٿينديون.

پاڪستان ۽ تاجڪستان ۾ مختلف معاهدن تي به صحيحن جا امڪان آهن.

ڪانفرنس جي موقعي تي، وزيراعظم نواز شريف جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون سان به ملاقات جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*