پنجاب جي ساهيوال، فيصل آباد ۽ سيالڪوٽ جيلز ۾ ڦاهي جي منتظر وڌيڪ 4 قيدين کي سوليءَ تي لٽڪايو ويو

پنجاب جي ساهيوال، فيصل آباد ۽ سيالڪوٽ جيلز ۾ ڦاهي جي منتظر وڌيڪ 4 قيدين کي سوليءَ تي لٽڪايو ويو.

فيصل آباد سينٽرل جيل ۾ ميڊيڪل چيڪ اپ بعد قيدي عابد کي ڦاهي ڏني وئي، قيدي محمد عابد 1998 ع ۾ پراڻي تڪرار تان هڪ ڄڻي کي قتل ڪيو هو.

سيالڪوٽ ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قتل ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌايل ٻن قيدين عابد مقصود ۽ ثناءُ الله کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو.

ٻنهي قيدين 1997 ۾ هڪ ٻارڙي کي قتل ڪيو هو، جنهن جي ڏوهه ۾ عدالت کين ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي.

ساهيوال ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قتل ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌايل قيدي محمد نواز عرف ڪاڪا کي سوليءَ تي لٽڪايو  ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*