پاڪستان جي دهشتگردي خلاف جنگ سان دنيا کي فائدو ٿي رهيو آهي، يوسف رضا گيلاني

اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان جي دهشتگردي خلاف جنگ سان دنيا کي فائدو ٿي رهيو آهي، هـُــــــــو ڀارت معاملي تي پاڪستاني موقف کي سلام پيش ڪري ٿو.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳوڪندڙن ادارن جون قربانيون ساراهه جوڳيون آهن.

هـِـن چيو ته پاڪستان جَي مفاد لاءِ سموريون ڌريون متحد آهن، ڪنهن کي اسلام آباد جي اندروني معاملن ۾  مداخلت جي اجازت نه ڏني ويندي.

سندس چوڻ هـــو ته ڀارت معاملي تي پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آهن، چين اسلام آباد جو مخلص دوست آهي.

يوسف رضا گيلاني بجيٽ تي ڳالهائيندي چيو ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ بدران اضافي ٽيڪس جو پهاڙ ڪيرايو ويو.

اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني وڌيڪ چيو ته بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ ئي پيٽرول مهانگو ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*