سـُپريم ڪورٽ شفقت حسين جي ڦاهي روڪڻ بابت تصديق لاءِ وڪيل کي سڀاڻي تائين مهلت ڏئي ڇڏي

سـُپريم ڪورٽ، شفقت حسين جي ڦاهي روڪڻ بابت تصديق لاءِ وڪيل کي سڀاڻي تائين مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

چيف جسٽس، جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ڦاهي روڪڻ بابت ڪراچي سينٽرل جيل جي قيدي شفقت حسين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

شفقت حسين جي وڪيل طارق حسين موقف اختيار ڪيو ته سندس اصيل کي اڄ ڦاهي اچڻي هئي پر کيس ڄاڻ ناهي ته سزا تي عمل ٿيو آهي يا نه.

وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اخبارن ذريعي خبر پئي آهي ته شفقت حسين جي ڦاهي تي عمل روڪيو ويو آهي، کيس تصديق لاءِ سڀاڻي تائين مهلت ڏني وڃي.

عدالت، وڪيل جي مهلت واري استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته ٻارڙي جي قتل ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌايل شفقت حسين کي اڄ ڪراچي سينٽرل جيل ۾ ڦاهي اچڻي هئي پر سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس سبب سندس سزا تي ڇوٿون ڀيرو عمل روڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*