سنڌ جي سامونڊي علائقن تان طوفان اشوڀا جو خطرو ٽري ويو، بلوچستان ۾ ٻوڏ جو خدشو

سامونڊي طوفان ”اشوڀا“ ڪراچي کان پنج سئو ڪلو ميٽر پنڌ تي آهي، سنڌ جي سامونڊي علائقن تان خطرو ٽري ويو آهي جڏهن ته بلوچستان ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

سامونڊي طوفان اشوڀا ڪراچي کان پنج سئو ڪلو ميٽر پنڌ تي اتر اولهه طرف وڌي رهيو آهي.

موسميات کاتي دعويٰ ڪئي آهي ته سامونڊي طوفان اومان سان ٽڪرائبو، تنهنڪري ڪراچي کي ڪو به خطرو نه آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي، حيدر آباد ۽  ميرپورخاص ڊويزن ۾ تيز هوائن سان برساتن جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، اشوڀا طوفان اومان سان ٽڪرائجڻ سبب بلوچستان ۾ 10 کان 12 جون تائين ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.

هوڏانهن پي ڊي ايم اي امڪاني برساتن سبب الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پي ٽي ايم اي جو چوڻ آهي ته اڻوڻندڙ صورتحال جو ڪو به امڪان نه آهي، پر پوءِ به امدادي سامان ضلعن ۾ پهچايو ويو آهي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته نيوي ۽ فشرمين تنظيمن سمنڊ ۾ مهاڻن جي ڦاٿل هجڻ بابت ڪا رپورٽ ناهي ڏني.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*