ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل هلائيندڙ ۽ سوار ٿيندڙن لاءِ اڄ کان هيلميٽ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو

ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل هلائيندڙ ۽ سوار ٿيندڙن لاءِ اڄ کان هيلميٽ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، ڀڃڪڙي ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

ٽريفڪ پوليس، شهر ۾ موٽر سائيڪل هلائيندڙ ۽ پويان ويهندڙ لاءِ هيلميٽ لازمي قرار ڏني آهي.

موٽر سائيڪل تي سوار ٿيندڙ عورتن لاءِ به هيلميٽ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

ٽريفڪ پوليس جي ڊي آءِ جي امير بخش شيخ موجب، شهرين جي تحفظ لاءِ هنن اهڙو قانون متعارف ڪرايو آهي.

هوڏانهن شهرين جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل تي پوليان سوار ٿيندڙن لاءِ هيلميٽ لازمي قرار ڏيڻ پوليس لاءِ رشوت جو هڪ نئون دڳ کلي ويو آهي.

هنن چيو ته ٽريفڪ پوليس شهرين کي تنگ ڪري کائنس پئيسا وصول ڪري رهي آهي تنهنڪري اهڙو قانون واپس ورتو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*